Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ضمير فروشن جو ٽولو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وفاداريون مٽائڻ جي لاءِ ڪريل حرڪتون ڪري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


 Posted on: 8/1/2016 1
ضمير فروشن جو ٽولو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وفاداريون مٽائڻ جي لاءِ ڪريل حرڪتون ڪري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
لنڊن: پهرين آگسٽ 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ضمير فروشن جو ٽولو رينجر ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين سان گڏجي ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي ۽ انهن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ ڪريل حرڪتون اختيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جڏهن بي ضميرن جو ٽولو تمام تر زهريلن پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي نقصان پهچائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي باضمير ۽ غيرت مند ڪارڪنن جون وفاداريون مٽائڻ  ۾ ناڪام ٿي چڪو  ته هاڻي اهو ٽولو ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪنن جون فهرستون رينجر کي ڏيئي ڪري انهن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي ۽ انهن کي گرفتار ڪرائڻ کان پوءِ  ۽ وحشياڻو تشدد ڪرائڻ کان پوءِ ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ جون  ڌمڪيون ڏيئي ڪري وفاداريون تبديل ڪرائڻ تي مجبور ڪرائي رهيو آهي. اهڙي طرح جا هٿڪنڊا استعمال ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي انهن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ان ضمير فروش ٽولي جي طرفان ڏنل لسٽ جي مطابق ٽي ڏينهن اڳ  لياقت آباد کان رينجر ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن شاهد افروز کي گرفتار ڪيو ۽ تشدد ڪرڻ کان پوءِ انهن کي بي ضمير ٽولي جي حوالي ڪيو ، جڏهن ته گذريل هفتي به ڪيترن ئي مهينن کان لاپتا ٽن ڪارڪنن کي رينجر ان ضمير فروشن جي حوالي ڪيو جن جي حالت تشدد ڪرڻ جي ڪري تمام گهڻي خراب هئي. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن واقعن مان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي چڪو آهي ته اهو ٽولو رينجر ۽ سرڪاري ايجنسين سان گڏجي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف سرگرم آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪي بي ضمير پنهنجي قوم کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ان حد تائين ڪري پون ته پوءِ اهي ڪنهن به طرح قوم جا دوست ٿي نه ٿا سگهن.
*****


4/26/2024 7:51:39 AM