ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، انهن جي گرفتارين، انهن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپا هڻڻ جي خلاف 31 جولائي بروز آچر تي منجهند 3 وڳي عائشه منزل کان قائد اعظم جي مزار تائين هڪ وڏي پرامن ريلي ڪڍي ويندي
ڪراچي: 30 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ انهن کي لاپتا ڪرڻ ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپا هڻڻ جي خلاف 31 جولائي بروز آچر تي منجهند 3 وڳي عائشه منزل کان قائد اعظم جي مزار تائين هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويندي. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي سميت ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي سڀني قومن سان تعلق رکندڙ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪن