Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار مون کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. نورين آصف جي اپيل


مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار مون کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. نورين آصف جي اپيل
 Posted on: 7/30/2016
مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار مون کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. نورين آصف جي اپيل
وقاص علي شاھ قتل  ڪيس ۾ رينجر جي طرفان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف جي گهر واري نورين آصف جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 30 جولائي 2016 
ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر وقاص علي شاھ جي مبينه قتل جي الزام ۾ رينجر جي طرفان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف جي گهر واري آصف نورين چيو آهي ته ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار مون کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ان جي ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پنهنجي وڪيل لطيف صلاح الدين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.آصف نورين پنهنجي مڙس جي مٿان وقار شاھ جي قتل جي الزام جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته آصف جو وقار شاھ جي قتل سان ڪوئي به تعلق نه آهي. انهن چيو ته نائن زيرو تي 11 مارچ تي ڇاپو پيو ته مان به پنهنجي مڙس سان گڏ موجود هيم ، رينجر جي اهلڪار وقار علي شاھ تي گولي هلائي  جيڪا منهنجي مڙس کي ڇهندي وقار علي شاھ کي لڳي. انهن ٻڌايو ته 9 مئي تي آصف کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ 25 جون تي مون کي معلوم ٿيو ته آصف کي وقاص علي شاھ جي قتل ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته آصف ڪيس تان هٿ کڻي وڃو نه ته اوهان کي جان سان ماريو ويندو. انهن چيو ته ڪالھھ رات هڪ ٻٽ ٻڌل ماڻهو منهنجي گهر آيو ۽  مون کي چيو ته آصف کي ماريو ويو آهي ۽ انهن جي لاش ايڌي سرد خاني کان وڃي وٺو. انهن چيو ته منهنجي جان کي سخت خطرو آهي ان جي ڪري منهنجي سنڌ حڪومت، ڊي جي رينجر ۽ آئي جي سنڌ کي اپيل آهي اهي مون کي تحفظ فراهم ڪن.

4/18/2024 10:35:45 PM