سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي والد مرحوم نور الحسن مرحوم کي محمد شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
ڪراچي : 25 جولائي 2016
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي والد مرحوم نور الحسن کي هزارين آلين اکين سان گڏ محمد شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ مرحوم جي جنازي نماز محموده مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، صوبائي وزير بلديات ڄام خان شورو، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****