کارادر ۾ پنج منزله بلڊنگ جو ڪجھھ حصو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ ۽ ڪجهھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان افسوس جو اظهار
ڪراچي: 25 جولائي 2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار کارادر ۾ پنج منزله بلڊنگ جي ڪجهھ حصي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ ۽ ڪجھھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ سيل کي فعال ڪري ته جيئن آئنده اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. انهن فوت ٿيندڙ عورت جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. ان کان علاوه انهن زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.