پي ايس پي جي دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم ڪورنگي يوسي 25 جي ڪارڪن فيصل سعيد کي ڪورنگي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
ڪراچي: 24 جولائي 2016
پي ايس پي جي دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم ڪورنگي جي ڪارڪن فيصل سعيد کي ڪورنگي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪوي ويو . ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز ڪورنگي جي فيضان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن رڪن الدين تاج، محمد اشرف نور، اڪرم راجپوت، شاهد علي، فيض محمد، اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه شهيد جو ٽيجهو 25 جولائي بروز سومر تي ٻيپهري جي نماز کان پوءِ شهيد جي گهر تي ٿيندو.