پاڪ سرزمين پارٽي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيندڙ ايم ڪيو ايم ڪورنگي جي ڪارڪن فيصل سعيد جي پاڪ سرزمين پارٽي جي دهشت گردن جي هٿان شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار
لنڊن: 24 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پي ايس پي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيندڙ ڪورنگي ٽائون يوسي 25 جي ڪارڪن فيصل سعيد جي پي ايس پي جي دهشت گردن جي فائرنگ سان شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فيصل سعيد شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا ڪئي ته الله تعالٰي فيصل سعيد شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.