امجد صابري قتل ڪيس ۾ قوم کي سچ ٻڌائڻ ۽ حقيقتون بيان ڪرڻ تي اسان ڪراچي پوليس چيف مشتاق مهر کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. مصطفٰي عزيز آبادي
لنڊن: 24 جولائي 2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي چيو آهي اسان امجد صابري قتل ڪيس ۾ قوم کي سچ ٻڌائڻ ۽ حقيقتون بيان ڪرڻ تي ڪراچي پوليس چيف مشتاق مهر کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ مصطفٰي عزيز آبادي چيو ته مشتاق مهر امجد صابري قتل ڪيس ۾ هڪ بي ڏوهي شخص کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڪجھھ ماڻهن جي طرفان جوڙيل ڊرامي کي جهڙي طرح سان ظاهر ڪيو آهي ان تي اهي زبردست مبارڪباد جا مستحق آهن. مصطفٰي عزيز آبادي چيو ته ڪاش سڄي ملڪ ۾ پوليس اهڙي طرح ئي ايمانداري سان ڪم ڪري ته اصل ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي وڃن ۽ پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهي عناصر جيڪي پنهنجن مفادن جي خاطر اصل ڏوهارين کي بچائڻ جي لاءِ بي ڏوهي ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اهي ناڪام رهن.