انشاء الله تعالٰي مان هن سال ئي آڪٽوبر ۾ آمريڪا جو دورو ڪندس.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 24 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ،اين جي اوز ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي طرفان مون کي آمريڪا جي دوري جي دعوت ملي آهي ، جيڪي مون سان ملڻ چاهين ٿا ۽ منهنجا ليڪچر ٻڌڻ چاهين ٿا.مان انهن جي دعوت کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي هن سال ئي آڪٽوبر ۾ مان آمريڪا جو دورو ڪندس. اها ڳالھھ انهن واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون مظاهري کي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي مظاهري جي شرڪاء وڏي دير تائين ويلڪم ويلڪم الطاف ڀائي ويلڪم جا هانوَ ڏاريندڙ نعرا هنيا. جيڪي ڪافي دير تائين جاري رهيا. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم آمريڪا جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي هاڻي کان ئي منهنجي دوري جو شيڊول تيار ڪن ۽ اهڙو پروگرام ترتيب ڏين ته جيئن منهنجي سڀني سان ملاقات ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ملي.