Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

2013 کان وٺي ڪراچي ۾ هڪ قسم جو مارشل لا نافذ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


2013 کان وٺي ڪراچي ۾ هڪ قسم جو مارشل لا نافذ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 7/24/2016
2013 کان وٺي ڪراچي ۾ هڪ قسم جو مارشل لا نافذ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پاڪستان ۾ سٺي حڪمراني جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ مهاجرن جو به الڳ صوبو بڻايو وڃي
پاڪستان کي جيڪي پيسا مذهبي انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ ڏنا وڃن ٿا اهي پيسا انتها پسندي جي خاتمي جي بجاءِ جهادي عناصر جي مدرسن جي قيام ۽ انهن جي فروغ جي لاءِ خرچ ڪيا وڃن ٿا
آمريڪي سينيٽر ۽ ڪارنگريس جا نمائندا ايم ڪيو ايم جي نمائندن کي ملاقات جو وقت ڏين ۽ پاڪستان ۾ مهاجرن کي پيش ايندڙ مسئلن کي ٻڌن
واشنگٽن ڊي سي وائيٽ هائوس جي سامهون احتجاجي مظاهري کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 24 جولائي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 2013 کان وٺي ڪري ڪراچي ۾ هڪ قسم جو مارشل لا نافذ آهي. هتي جاري آپريشن جنهن جي باري ۾ قوم کي اهوٻڌايو ويو هو ته اهو آپريشن دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ هوندو پر ان جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي. اسان پنهنجي جدوجهد کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽنداسين ۽ پنهنجن اصولن تي هلندي مهاجرن ۽ سمورين قومن ، برادرين ، مذهبي اقليتن ۽ سمورن پاڪستانين جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ۽ پاڪستان ۾ سٺي حڪمراني جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ مهاجرن جو به الڳ صوبو بڻايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تحت واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏي احتجاجي مظاهري کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، آمريڪا جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ واشنگٽن ڊي سي، بالٽي مور، نيويارڪ، نيوجرسي، فلاڊيلفيا، شڪاگو، ڊيٽرائيٽ، هيوسٽن، رچمنڊ، سان انٽونيو، آسٽن، اٽلانٽا، فلوريڊا، لاس اينجلس، البرقي ۽ سان فرانسسڪو  سميت آمريڪا جي 30 کان وڌيڪ رياستن سان تعلق رکندڙ ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 20 هين سالانه ڪنوينشن ۽ وائيٽ هائوس جي سامهون احتجاجي مظاهري جي انعقاد تي آمريڪا جي مرڪزي آرگنائيزر، ڪميٽي جي ميمبرن ، آمريڪا جي سمورن چيپٽرن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ مهاجرن تي رياستي ظلم ڪيا پيا وڃن، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي. روزانو بي گناھ ڪارنن کي گرفتار ڪيو پيو  وڃي ۽ انهن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا به ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي شهري مهاجر اڪثريتي علائقن ۾ اهڙي طرح ڇاپا هنيا پيا وڃن جيئن جو مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي فوج مسلمانن جي آبادين ۾ ڇاپا هڻي ٿي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ مهاجرن جي بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي اڄ واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون احتجاجي مظاهري جي شرڪاء جي هائوَ ڏاريندڙ نعرن جو پڙاڏو آمريڪا جي صدر بارڪ  اوباما ۽ انهن جي انتظاميه جي ميمبرن جي ڪنن تائين به پهچي رهيو آهي. انهن فرمايو ته واشنگٽن ۾ سختي گرمي جي باوجود آمريڪا جي مختلف رياستن مان ڪارڪنن جو وائيٽ هائوس جي سامهون گڏ ٿي ڪري مهاجر قوم تي ڪيل ظلمن جي خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪرڻ ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه آهي. انهن فرمايو ته آمريڪا ۽ انساني حقن جي تنظيمن مهاجرن تي 1947 کان ٿيندڙ ظلمن جي تي اهڙي طرح آواز بلند نه ڪئي آهي جهڙي طرح انهن کي ڪرڻ گهرجي ها. آمريڪا پوري دنيا ۾ انصاف جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي فوج موڪلي ٿو. اهو مهاجرن کي رياستي ظلمن کان تحفظ ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجن نمائندن کي موڪلي ته جيئن انهن کي حقيقتن جي خبر پوي. آمريڪا دهشت گردي ۽ مذهبي انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ سيريا،افغانستان، صوماليه ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏو گڏ پاڪستان کي به امداد ڏيئي ٿو پر پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ امداد مهاجرن تي ظلم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. انهن آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته آمريڪي حڪومت پاڪستان کي جيڪا رقم مذهبي انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ ڏيئي ٿي. اها رقم ملڪ کان انتها پسندي جي خاتمي جي بجاءِ جهادي عناصر جي مدرسن جي قيام ۽ انهن جي فروغ جي لاءِ خرچ ڪئي وڃي ٿي. پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ 70 سالن کان مهاجرن کي انهن جي بنيادي حقن ۽ حڪمراني جي حق کان محروم رکيو آهي. ايم ڪيو ايم ڪيترائي ڀيرا جمهوري طريقي سان چونڊجندي رهي آهي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت هجڻ جي باوجود به ڪنهن مهاجر کي سنڌ جو وزير اعلٰي نه بڻايو ويو آهي. اعلٰي تعليم ۽ اعلٰي نوڪرين جا دروازا مهاجرن جي لاءِ بند ڪيا ويا آهن ۽ 70 ملين کان وڌيڪ آبادي  جي باوجود مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبو بڻائڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃيجتي جو اهي حڪمراني جو حق حاصل ڪري سگهن.جناب الطاف  حسين فرمايو ته اڄ تائين پاڪستان جا چار صوبا آهن ۽ آبادي ۾ بي پناھ اضافي جي باوجود وڌيڪ صوبا نه ٿا بڻايا وڃن. پاڪستان ۾ سٺي حڪمراني جي لاءِ 20 صوبا بڻائڻ جي سخت گهرج آهي ۽ ان سان گڏو گڏ مهاجرن جي لاءِ به الڳ صوبو بڻايو وڃي. انهن فرمايو ته مهاجر قوم تعليم يافته، لبرل ۽ جمهوري سوچ رکڻ واري قوم آهي. جيڪا مذهب ، عقيدي، ۽ لسانيت جي بنياد تي ڪنهن سان به نفرت نه ٿي ڪري. مهاجر پاڪستان جي پنجابين، سنڌين، بلوچن، پختونن، سرائيڪن، ڪشميرين، هزاري وال، گلگتين، بلتستانين، هندن، سکن، عيسائين ۽ احمدين سميت سڀني سان محبت ڪن ٿا. جيڪڏهن مهاجرن جو الڳ صوبو بڻايو وڃي ته مهاجر قوم انهن وانگر ڊبل گيم نه ڪندي، جيڪي آمريڪا کان انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ امداد وٺن ٿا ۽ پوءِ اها امداد جهادين جي مدرسن کي فراهم ڪن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پروگريسو ۽ اعتدال پسند ملڪ بڻائڻ چاهي ٿي. جتي انتها پسندي ۽ مذهبي جنونيت نه هجي، بلڪه سمورن مذهبن ، مسلڪن ۽ قومن کي برابري جي بنياد تي حق ميسر هجن. عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل نه ڪري سگهجي ۽ ملڪ کان چائيلڊ ليبر جو خاتمو ٿئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀني کان وڏو ۽ دنيا جو ستون وڏو شهر آهي. 23 ملين آبادي سان گڏ ڪراچي معيشت ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ پاور بڻجي سگهي ٿو. پر پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قوتن جي پاليسن جي ڪري اڄ ڪراچي دهشت گردي ۽ مذهبي انتها پسندي جو گڙھ بڻجي چڪو آهي. انهن فرمايو ته 2013 کان وٺي ڪري ڪراچي ۾ هڪ قسم جو مارشلا نافذ آهي. قوم کي اهو چيو ويو هو ته اهو آپريشن دهشت گردي ۽ مذهبي انتها پسندي جي خلاف هوندو پر ان جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي. ان آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي صرف انهن جي سياسي نظرين جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. جن ۾ ڏيڍھ هزار ڪارڪن هن مهل تائين جيلن ۾ آهن. مارچ 2015 ۾ رينجر نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ۽ درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو جن ۾ هڪ ڪارڪن کي شهيد به ڪيو ويو. انهن فرمايو ته هن هلندڙ آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 61 ڪارڪنن  کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن ته 135 ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن. انهن فرمايو ته مهاجرن کي انهن جي جمهوري حق کان محروم ڪيو ويو آهي. گذريل سال ڊسمبر ۾ سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن ٿيا. جن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 60 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. پر 8 مهينا گذرڻ جي باوجود هن مهل تائين انهن نمائندن کي حق نه ڏنو ويو آهي. انهن فرمايو ته ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر ۽ رئوف صديقي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو هڪ قابل مذمت عمل آهي. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته اهو ظلم آهي ۽ ٻئي طرف پاڪستان جي ميڊيا ۾ منهنجين تقريرن، بيانن ۽ ايستائين جو تصويرن جي اشاعت تي به پابندي آهي ۽ جلسن ۾ تقريرن ٻڌڻ وارن  عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم شروع کان ئي غريبن، ورڪنگ ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. جن کي ٻين سياسي جماعتن نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. اسان سمورن محرومن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ اها جدوجهد جاري رکنداسين. اسان جمهوري انداز ۾ عورتن، لساني قومن ۽ مذهبي اقليتن جي حقن جو به تحفظ چاهيون ٿا ۽ هر قسم جي ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا. اسان ملڪ جي سمورن ماڻهن جي لاءِ صحت ۽ تعيلم جو برابر حصول چاهيون ٿا. اسان ڪاروبار ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي سرمايه ڪاري جي لاءِ  به بهتر ماحول چاهيون ٿا ۽ سٺي حڪمراني به چاهيون ٿا ته جيئن ان جا فائدا سمورن ماڻهن کي ملي سگهن.  انهن فرمايو ته اسان کي اهو فخر آهي ته اسان جي جماعت ڪراچي جي معاشي ترقي ۽ ان کي جديد شهر بڻائڻ ۾وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ليڊر شپ کي اهو موقعو ٻيهر مليو ته اها هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪندي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم مذهبي انتها پسندي ۽ حڪمران طبقي جي تسلط جي خلاف آهي. انهي جي ڪري اهي اسان تي حملا ڪن ٿا. اسان جو اميج خراب ڪرڻ جي لاءِ اسان تي گند اڇلايو وڃي ٿو ۽ اسان جي اجايو بدنامي به ڪئي وڃي ٿي. انهن فرمايو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان پنهنجي جدوجهد کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽنداسين. ۽ پنهنجن اصولن تي هلندي مهاجرن ۽ ٻين سڀني قومن جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. انهن آمريڪي سينٽرن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي نمائندن کي ملاقات جو وقت ڏين ۽ پاڪستان ۾ مهاجر قوم کي پيش ايندڙ مسئلن کي ٻڌن. انهن فرمايو ته مان گذريل 40 سالن کان ڏينهن رات تحريڪي جدوجهد ۾ مصروف آهيان. حالتن جي ڏاڍ ، پنهنجي بيماري ۽ تمام تر مشڪلاتن جي باوجود مان هڪ ڏينهن به تحريڪي ڪم نه ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته اسان پنهنجين ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل ۽ انهن جي باعزت زندگي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ انشاء الله تعالٰي حق پرستي جي اها جدوجهد جاري رهندي.جناب الطاف حسين سمورن حق پرست شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي همت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪرڻ تي خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي آفتاب احمد شهيد، رياض الحق شهيد ۽ عالمي شهرت يافته قوال حضرت امجد صابري شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ انهن جي سوگوار پوئنرن کي صبر جميل عطا فرمائي. انهن ايم ڪيو ايم جي سينيئر ترين اڳواڻ مرحوم شعيب احمد بخاري ۽ سينيئر سياستدان معراج محمد خان جي وفات تي به وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي مغفرت ۽ انهن جي سوگوار پوئنرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. 


4/16/2024 6:11:41 AM