Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بلديه عظمٰي ڪراچي جي ضلعي سالانه ترقياتي پروگرام ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


بلديه عظمٰي ڪراچي جي ضلعي سالانه ترقياتي پروگرام ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/22/2016
بلديه عظمٰي ڪراچي جي ضلعي سالانه ترقياتي پروگرام ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 22 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت جي طرفان بلديه عظمٰي ڪراچي جي روان مالي سال جي ضلعي ترقياتي پروگرام ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان قدم کي ڪراچي دشمني قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي نمائندگي ڪرڻ واري پي پي جي سنڌ حڪومت ، سنڌ جي شهري علائقن سان متعصبانه ۽  ظالمانه سلوڪ روا رکيو آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ جي تعصب پرست حڪومت، شهري سنڌ جي نمائندگي کي بلڪل نظر انداز ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي ۽ گذريل ٽن سالن کان سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي جي وسيلن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي ۽ ڪراچي جي مڪاني ادارن کي فنڊن جي عدم فراهمي جي ڪري ڪراچي جي هر گهٽي ۽ روڊ ڪچري جو ڍير بڻيل آهن ۽ شهرين کي پاڻي جي به سخت قلت جو سامنو آهي ۽ پاڻي جي نيڪر جو نظام جو به تباهي جو شڪار آهي ۽ ڪراچي جا روڊ به تباھ ٿي ويا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته پي پي جي سنڌ حڪومت پنهنجي هر دور ۾ ڪراچي جي شهرين جي لاءِ هڪ به ترقياتي منصوبو نه بڻايو آهي ۽ ابتڙ حق پرست مڪاني قيادت جي سرڪلر ريلوي ۽ ڪي فور منصوبن کي به سرد خانن جي نذر ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو  ته قومي خزاني کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيڻ واري ڪراچي جي مڪاني ادارن کي اختيار ڏيڻ جي بجاءِ پي پي جي صوبائي حڪومت بلديه عظمٰي ڪراچي جي روان مالي سال جي ضلعي سالانه ترقياتي پروگرام ۾ به 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي جيڪو هڪ وڏو متعصبانه عمل آهي. رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي بلديه عظمٰي ڪراچي جي روان مالي سال جي ضلعي سالانه ترقياتي پروگرام ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي جو نوٽس وٺن ۽ سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي دشمني جو مظاهرو بند ڪرائين ۽ ڪراچي جي مڪاني ادارن کي به انتظامي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻرائين.
*****

4/19/2024 10:22:02 AM