ايم ڪيو ايم جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير شعيب احمد بخاري مرحوم جو ٽيجهو انهن جي رهائشگاھ تي ٿيوٽيجهي ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت
ڪراچي: 22 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير شعيب احمد بخاري مرحوم جو ٽيجهو انهن جي گهر تي ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن عارف خان، عادل خان، مطيع الرحمٰن،ذاڪر قريشي، سي اي سي ميمبرن، حق پرست اسيمبلي ميمبرن عبدالوسيم، سفيان يوسف، ريحان ظفر ۽ ڪارڪنن کان علاوه اي اين پي ( بيگم نسيم ولي خان) گروپ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري قادر خان ۽ فنانس سيڪريٽري رشيد خان ۽ ٻين سياسي ۽ مذهبي اڳواڻڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي ايصال ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي.
*****