Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر سياستدان معراج محمد خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار


سينيئر سياستدان معراج محمد خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار
 Posted on: 7/22/2016
سينيئر سياستدان معراج محمد خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار
لنڊن: 22 جولائي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر سياستدان معراج محمد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته معراج محمد خان مرحوم نه صرف هڪ محنتي ۽ نظرياتي سياسي ڪارڪن هئا بلڪه اهي هڪ دانشور ۽ فلاسفر به هئا ۽ انهن کي مهاجرن جي اڪابرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي وفات سان نظرياتي سياست ۾ پيدا ٿيندڙ خلا کي ڪڏهن به ڀري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين مرحوم معراج محمد خان جي وفات جي خبر ملندي ئي مرحوم جي گهر فون ڪري انهن جي پٽ خاقان محمد خان سان پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين مرحوم جي پٽ سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته مرحوم پنهنجي سياسي جدوجهد جي دوران تمام تر ڏکيائين جي باوجود ڪڏهن به مايوسي جي ڳالھھ نه ڪئي ۽ بلڪه اهي هميشه اميد جو ئي درس ڏيندا رهيا.  هن مفاد پرست معاشري ۾ انهن کي جڏهن به موقعو مليو ته اهي پنهنجي مشن، تعليم، سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي محنت ۾ ئي لڳل رهيا ۽ انهن ئي نظريات جي ڪري ئي انهن کي قيد جون تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون ۽ اهي چاهيندا هئا ته پاڪستان ۾ سڀ گڏجي ڪري انصاف جو نظام قائم ڪن. پر بدقسمتي سان انهن کي پنهنجو جانشين چوڻ وارن 

ئي انهن کي ظلم جو نشانو بڻايو ۽ انهن کي جيل ۾ وڌو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مرحوم معراج محمد خان جي لاءِ انهن جي دل ۾ هميشه عزت ۽ تڪريم جا جذبا رهيا ۽ اهي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت ۾ مصروف رهيا. جناب الطاف حسين انهن جي پٽ کي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****

4/19/2024 4:56:55 AM