آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي شاندار ڪاميابي تي ميان محمد نواز شريف، مسلم ليگ جي سمورن اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست مبارڪباد پيش
لنڊن: 22 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي شاندار ڪاميابي تي ميان محمد نواز شريف، مسلم ليگ جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مسلم ليگ جي قيادت، اڳواڻڻ ۽ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي درخواست ڪئي ته اهي عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ ڪم ڪن ۽ تعليم، پاڻي، بجلي ۽ صحت جي ننڍن مرڪزن جي قيام ۽ روزگار جي فراهمي، صنعتن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي قيام تي به خصوصي توجه ڏين. جناب الطاف حسين مسلم ليگ جي قيادت ۽ حڪومت کي اهو به چيو ته اهي مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي طرفان مسلمانن تي ڪيل ظلمن جي خاتمي ۽ علائقي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ به ڳالهين جو آغاز ڪن ته جيئن وچ ايشيا ريجن جو سڄو خطو امن جو گهوارو بڻجي سگهي ۽ هتان جا ماڻهو پرسڪون زندگي گذاري سگهن.
*****