تبليغي جماعت ڪراچي جي امير ۽ ممتاز عالم دين عبدالرشيد سواتي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
ڪراچي: 20 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تبليغي جماعت ڪراچي جي امير ۽ ممتاز عالم دين عبدالرشيد سواتي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****