Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاڪستان جي تاريخي ۽ قومي ورثي ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي رينجر جي طرفان قبضي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاڪستان جي تاريخي ۽ قومي ورثي ريڊيو پاڪستان  جي عمارت تي رينجر جي طرفان قبضي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
 Posted on: 7/17/2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاڪستان جي تاريخي ۽ قومي ورثي ريڊيو پاڪستان  جي عمارت تي رينجر جي طرفان قبضي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
ڪراچي: 17 جولائي 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي تاريخي ۽ قومي ورثي ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي رينجر جي قبضي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ريديو پاڪستان جي عمارت هڪ قومي ورثو آهي جنهن تي رينجر قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ان قبضي تي اين جي اوز کي به پنهنجي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر کي گهرجي ته اها ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي قبضو ڪرڻ جي بجاءِ لاڙڪاڻي ۾ اسد کرل ۽ طارق سيال کي گرفتار ڪري جن قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن. رابطا ڪميٽي صدر مملڪت، وزير اعظم ميان نواز شريف، گورنر سنڌ ۽ وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي  رينجر  جي قبضي جو نوٽس وٺن ۽ اهو قبضو فوري طور تي ختم ڪرائين. 
*****

4/24/2024 5:38:54 PM