پاڪستاني باڪسر محمد وسيم جي طرفان انٽرنيشنل پروفيشنل سلور ٽائيٽل کٽڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
لنڊن: 17 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستاني باڪسر محمد وسيم کي فلپائن جي باڪسر جيٿرا وليوا کي شڪست ڏيئي ڪري انٽرنيشنل پروفيشنل سلور ٽائيٽل کٽڻ تي زبردست شاباش ۽ مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت جي توجه نه ڏيڻ جي باوجود به پاڪستاني رانڌيگر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته محمد وسيم جي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ڪائي به ڪمي نه آهي. انهن محمد وسيم ۽ پاڪستاني قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهي آئنده به اهڙي طرح ئي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.
*****