سڄي سنڌ جا ڪارڪن ۽ عوام شعيب بخاري مرحوم جي جنازي نماز ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل
ڪراچي: 19 جولائي 2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سڄي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ شعيب بخاري مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شعيب بخاري مرحوم تحريڪ جي لاءِ ناقابل فراموش خدمتون انجام ڏنيون آهن ۽ اهي آخري ساھ تائين تحريڪ سان جڙيل رهيا. جنهن تي مهاجر قوم جو هڪ هڪ فرد انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته شعيب بخاري مرحوم جي جنازي نماز 20 جولائي بروز اربع تي ٻيپهري جي نماز کان پوءِ جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ انهن کي شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
*****