سيد شعيب بخاري جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار
لنڊن: 19 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سابق صوبائي وزير سيد شعيب بخاري مرحوم جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته 1992 جي آپريشن ۾ سيد شعيب بخاري جي تحريڪ جي لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته مرحوم هڪ ساده طبيعت جا مالڪ هئا ۽ اهي هميشه تحريڪ جي فرضن جي ادائگي جي لاءِ ڪوشان رهيا. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****