Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عبدالستار ايڌي مرحوم ۽ امجد صابري مرحوم قومي اثاثو آهن ۽ انهن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.سيد شاهد پاشا


عبدالستار ايڌي مرحوم ۽ امجد صابري مرحوم قومي اثاثو آهن ۽ انهن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.سيد شاهد پاشا
 Posted on: 7/16/2016
عبدالستار ايڌي مرحوم ۽ امجد صابري مرحوم قومي اثاثو آهن ۽ انهن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.سيد شاهد پاشا
اسان ايڌي صاحب ۽ امجد صابري مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکنداسين. نسرين جليل
ڊفينس دو تلوار تي عبدالستار ايڌي مرحوم ۽ امجد صابري مرحوم جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪرڻ جي تقريب کي خطاب
ڪراچي: 16 جولائي 2016 
                    ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته عبدالستار ايڌي مرحوم ۽ امجد صابري مرحوم قومي اثاثو آهن، جن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفينس دو تلوار تي عبدالستار ايڌي مرحوم ۽ امجد صابري مرحوم جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر نسرين جليل، رابطا ڪميٽي ميمبر محفوظ يار خان، ساٿي اسحٰق، محمد ڪمال ملڪ، اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن به وڏي تعداد ۾ موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته اڄ ان تقريب جو مقصد انسانيت دوست شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. جن پنهنجي پوري زندگي انسانيت جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي . انهن چيو ته عبدالستار ايڌي اڌ صدي اڳ جيڪو ٻوٽو پوکيو هو اڄ اهو هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي ۽ ان وڻ مان اڄ لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته دنيا جي وڏي ايمبولينس سروس جنهن کي گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو اهو به ايڌي صاحب جي خدمتن جو هڪ تمام وڏو ثبوت آهي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ خدمت خلق ڪميٽي بڻائي هئي.جيڪا اڄ ڪي ڪي ايف جي نالي سان پنهنجيون خدمتون انجام ڏيئي رهي آهي.آخر ۾ انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ايڌي صاحب ۽ امجد صابري جي خدمتن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪنوينر محترمه نسرين جليل چيو ته ايڌي صاحب ۽ امجد صابري پاڪستان جي سڃاڻ آهن. جن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. تقريب جي اختتام تي ايڌي صاحب ۽ امجد صابري جي ياد ۾ ميڻ بتيون به روشن ڪيون ويون. 
*****


4/20/2024 2:25:00 AM