حق پرست عوام رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي صحت يابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪراچي: 13 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين امڙين، ڀينرن،بزرگن ، ڪارڪنن ۽ همدرد عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اقبال مقدم جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.
ان کان علاوه رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد ڪمال ملڪ، ارشد حسن ۽ محترمه زرين مجيد فيڊرل بي ايريا ۾ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هرٽ ڊزيزز ۾ وڃي ڪري اقبال مقدم جي عيادت ڪئي ۽ انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت به دريافت ڪئي.
*****