ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام خادم انسانيت عبدالستار ايڌي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ 14 جولائي برزو خميس تي مغرب جي نماز کان پوءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون وينديون. سيد شاهد پاشا
ڪراچي: 13 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا خادم انسانيت عبدالستار ايڌي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت 14 جولائي بروز خميس تي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ مغرب جي نماز کان پوءِ ميڻ بتيون روشن ڪرڻ جي تقريب جي انعقاد جو اعلان ڪيو آهي. شاهد پاشا چيو ته عبدالستار ايڌي جي خدمتن کي جيتري قدر به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. انهن دانشورن، اديبن، فنڪارن، صحافين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي ان تقريب ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.
*****