Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي 21 جولائي تي آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 6 اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي 21 جولائي تي آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 6 اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 7/15/2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي 21 جولائي تي آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 6 اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو
اميدوارن جا نالا هي آهن، ايل اي 30 جمون کان منشا خان، ايل اي 36 ويلي کان عبدالرحمٰن ڪاسي، ايل اي 27 کاوڙان کان سيد وقار شاھ، ايل اي 24 ڪشمير کان بابر عمران خان، ايل اي 25 لڇاڙ مظفر آباد کان چوڌري شاهد ۽ ايل اي 35 کان اياز احمد بڪا شامل آهن. شاهد پاشا
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 13 جولائي 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي 21 جولائي تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 6 اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اميدوارن جا نالا هي آهن. ايل اي 30 جمون کان منشا خان، ايل اي 36 ويلي کان عبدالرحمٰن ڪاسي، ايل اي 27 کاوڙان کان سيد وقار شاھ، ايل اي 24 ڪشمير کان بابر عمران خان، ايل اي 25 لڇاڙ مظفر آباد کان چوڌري شاهد ۽ ايل اي 35 کان اياز احمد بڪا شامل آهن. اهو اعلان انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني، اسلم آفريدي ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا ايل ايم اي سليم بٽ ۽ ٻيا به موجود هئا.   شاهد پاشا چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي ۽ سنڌ جي ٻئي وڏي سياسي جماعت آهي۽ ايم ڪيو ايم هر اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي عوامي نمائندن نه صرف پاڪستان بلڪه آزاد ڪشمير ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عوام جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. انهن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جڏهن 2005 جو قيامت خيز زلزلو آيو ته ايم ڪيو ايم اتي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ۽ متاثرن جي سڀني کان وڌي ڪري خدمت ڪئي ۽ ان خدمت جو پاڪستاني حڪومت به اعتراف ڪندي ايم ڪيو ايم کي تعريفي اسناد سان نوازيو هو . انهن چيو ته جڏهن آزاد ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبلي جو مرحلو آيو ته عوام اتي به ايم ڪيو ايم جي خدمت کي ڏسي ڪري ايم ڪيو ايم جي ٻن اميدوارن محمد طاهر کوکر ۽ سليم بٽ کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هن وقت مشڪلاتن ۽ ڏکائين جو شڪار آهي پر ان جي باوجود آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اليڪشن  ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪارنر ميٽنگن، ريلين ۽ جلسن جو انعقاد ڪيو ويندو ۽ گهر گهر عوامي رابطا مهم به شروع ڪئي ويندي. انهن هڪ هفتي کان ڪشميري عوام تي جاري ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هن مهل تائين 35 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ سوين زخمي به آهن. انهن چيو ته زخمين کي اسپتالن کان به گرفتار ڪيو پيو وڃي جيڪو وڏو مذمت جوڳو عمل آهي ، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته آزادي پسند اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه ڪشميري عوام سان گڏ رهي آهي ۽ هر سال باقائدگي سان ڪشمير ڊي به ملهائي ٿي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به ڪشمري عوام جي لاءِ هميشه آواز اٿاري آهي. انهن آزاد ڪشمير جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي هن اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين  ان موقعي تي شبير احمد قائمخاني چيو ته ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اليڪشنن 2006 ۽ 2012 ۾ به حصو ورتو هو ۽ ڪشميري عوام ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرايو هو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي طاهر کوکر ۽ سليم بٽ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا. جن جي فهرست ڊگهي آهي. انهن مان ڪجھھ هي آهن. انهن گلستان جوهر ۾ ڪشميري عوام جي لاءِ  ڪشمير ڪمپليڪس بڻايو ۽ اتي انهن تعليم کي به فروغ  ڏنو. جتان ڪشميري عوام ايم بي اي ۽ بي بي اي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اتي جديد دور جو اسپتال به قائم ٿيڻ وارو آهي. انهن ڪوئيٽا جي ڪشميري مهاجرن جي لاءِ 400 کان وڌيڪ پلاٽ حڪومت کان وٺي ڪري اتي انهن جي آبادڪاري ڪرائي. انهن نيلم ويلي روٽ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ 50 سيڪڙو ڪمي به ڪرائي. انهن غريب مسافرن جي تحفظ جي لاءِ آزاد ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو اسڪيم جو اجرا به ڪرايو. انهن معاوضي کي وڌائي ڪري 16 هزار کان 3 لک ڪرايو. انهن ضلع باغ ۾ 14 ڪروڙ جي لاگت سان مرڪزي بس اڏو به قائم ڪرايو ۽ اتي ٽريفڪ پوليس جو قيام به عمل ۾ آندرايو. انهن ڪشميري مهاجرن جي لاءِ سنڌ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ چاليس سيڪڙو سيٽن جو اضافو به ڪرايو. انهن ڪراچي ۾ رهندڙ ڪشميري مهاجرن جي جهيز فنڊ مان امداد به ڪرائي.انهن ڪشميري مهاجرن جي علائقن واٽر پمپ ۽ نيپا  ۾ پاڻي جون لائينون به وجهرايون ۽ روڊ به بڻرايا ۽ انهن ضلع راولا ڪوٽ ۾ افزا الطاف جي نالي سان پارڪ به قائم ڪرايو. ان کان علاوه انهن ڪشميري ڪلچر ۽ ثقافت جي فروغ جي لاءِ ڪشمير فرينڊ ڊي ۽ ڪشمير شالڊ ڊي کي به فروغ ڏنو ۽ ڪشميري يوٿ جي لاءِ انهن لينگويج سينٽر ۽ تعليمي وظيفن جا پروگرام به شروع ڪرايا. 
*****

4/19/2024 12:45:39 AM