ملڪ جي نالي واري براڊ ڪاسٽر ۽ علمي و ادبي شخصيت آغا ناصر جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 12 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي نالي واري براڊ ڪاسٽر ۽ علمي و ادبي شخصيت آغا ناصر جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مرحوم ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي سميت علمي ۽ ادبي شعبن ۾ ناقابل فراموش خدمتون انجام ڏنيون هيون ۽ اهي ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ به هئا. جناب الطاف حسين آغا ناصر مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي انهن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****