Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رينجر جي حراست ۾ لانڍي ٽائون جي ڪارڪن رياض الحق جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف 11 جولائي بروز سومر تي منجهند 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو


ايم ڪيو ايم رينجر جي حراست ۾ لانڍي ٽائون جي ڪارڪن رياض الحق جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف 11 جولائي بروز سومر تي منجهند 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 7/11/2016
ايم ڪيو ايم رينجر جي حراست ۾ لانڍي ٽائون جي ڪارڪن رياض الحق جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف 11 جولائي بروز سومر تي منجهند 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو
اقوام متحده جي انساني حقن جي اداري هيومن رائيٽس ڪائونسل جي ورڪنگ گروپ برائي لاپتا ماڻهن جي اداري به رياض الحق جي گمشدگي جي معاملي جو نوٽس ورتو هو. ڊاڪٽر فاروق ستار
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 10 جولائي 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته رينجر جي حراست ۾ ايم ڪيو ايم لانڍي ٽائون يونٽ 81 جي ڪارڪن رياض الحق جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف 11 جولائي بروز سومر منجهند 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب تي پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. انهن چيو ته اقوام متحده جي انساني حقن جي اداري برائي هيومن رائيٽس ڪائونسل جي ورڪنگ گروپ برائي گمشدگي به رياض الحق جي گمشدگي جو نوٽس ورتو هو ۽ 4 کان 8 سيپٽمبر 2015 جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيل ماڻهن جي فهرست ۾ جتي مختلف ملڪن جي لاپتا ڪيل ماڻهن جا نالا آيا آهن اتي رياض الحق جو نالو به فهرست ۾ شامل هو ۽ U N O   اهو معاملو نيشنل ڪرائيمز ڪميشن کي به موڪليو هو. هاڻي جڏهن ته رياض الحق جي لاش ملي آهي ته ڇا پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني ادارا  UNO  کي رياض الحق جي گمشدگي جي حوالي سان جواب ڏيندا ؟ انهن چيو ته رياض الحق جي گمشدگي جي حوالي سان پٽيشن سنڌ هائي ڪورٽ ۾ داخل هئي ان جي ڪري هائي ڪورٽ جي بينچ کي به رياض الحق جي ماورائي عدالت قتل تي سوموٽو ايڪشن وٺندي پاڻ انڪوائري ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين، شبير احمد قائمخاني، اسلم آفريدي ۽ زاهد منصوري به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي مرضي تي شروع ڪيو ويو هو ته جيئن ڪراچي ۾ ڏوهارين ۽ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪري امن قائم ڪري سگهجي. انهن چيو ته آپريشن کان اڳ اي پي سي ۾ اهو طئي ٿيو هو ته پوليس وٽ ته ڇاپن، گرفتارين، تحقيق، استغاثه ۽ ڪيس هلائڻ جا اختيار آهن پر رينجر وٽ اهي اختيار نه آهن جيتوڻيڪ رينجر کي به اهي اختيار ڏنا وڃن ۽ ساڻ ئي سمورين سياسي جماعتن جي طرفان به اهو چيو ويو هو ته اهي سڀئي ڪاروائيون آئين ۽ قانون جي مطابق ٿينديون. انهن چيو ته جڏهن ماورائي عدالت قتل ٿيا، ڏاڍ جي زور تي گمشدگيون ٿيون ته اسان به پنهنجين شڪايتن ۽ تحفظات جو اظهار ڪيو. انهن چيو  ته اسان اهو سمجهون ٿا ته ڪائي ٻئي ڌر هجڻ گهرجي جيڪا اهو فيصلو ڪري ته اسان جا لڳايل الزام ، شڪايتون ۽ تحفظات صحيح آهن يا نه. جيڪڏهن اسان جون شڪايتون ۽ الزام ڪوڙا آهن ته جيڪا چور جي سزا اها اسان جي سزا. پر جيڪڏهن اسان جا الزام صحيح آهن ته پوءِ جن ماڻهن جي خلاف اهي الزام آهن ته پوءِ انهن جي خلاف به آئين ۽ قانون جي مطابق اها ئي سزا هجڻ گهرجي جيڪا بغير وردي واري جي هوندي آهي. انهن چيو ته اسان شروع ۾ ئي چيو هو ته آپريشن جي لاءِ شڪايات ازاله ڪميٽي بڻجڻ گهرجي. وزير اعظم سيپٽمبر 2013 ۾ چيو هو ته آپريشن سان گڏ ئي نگران ڪميٽي به بڻجندي ته جيئن چيڪ ۽ اينڊ بيلنس هجي. پر اها ڪميٽي اڄ تائين به نه بڻجي سگهي آهي. پر جڏهن اسان اسيمبلين ۽ سينيٽ کان استعيفا ڏنا ته سياسي برادري غفلت جي ننڍ کان جاڳي ۽ اسان وٽ آئي ۽ اسان کي اها خاطري ڪرائي ته ازاله ڪميٽي بڻجندي ۽ ان جو اعلان به ٿيو جيڪا 4 ججن تي ٻڌل هئي. پر اها ڪميٽي به متحرڪ نه ٿي. انهن چيو ته رياض الحق شهيد گذريل سال 19 مئي تي گرفتار ٿيا هئا ۽ انهن جي پٽيشن هائي ڪورٽ ۾ به داخل هئي. جنهن جو نمبر 2851/15   آهي پر ڪورٽ سڳوري به ان کي بازياب نه ڪرائي سگهي ۽ انهن جي لاش سرجاني ٽائون کان ملي. ايم ڪيو ايم 28 مئي 2015 ۽ 30 جون 2015 تي به پنهنجين پريس ڪانفرنسن ۾ رياض الحق جي گرفتاري جو معاملو اٿاريو هو. انهن چيو ته هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي 61 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي رياض الحق جي ماورائي عدالت قتل جي تحقيقات ڪرائين ۽ ان ۾ ملوث عناصر جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي. انهن چيو ته رينجر هائي ڪورٽ ۾ اچي ڪري بيان ڏنو هو ته رياض الحق اسان جي تحويل ۾ نه آهن، پر رينجر جو اهو به ته فرض هو ته اها معلوم ڪري ته اهي ڪٿي هئا. انهن چيو ته جهڙي طرح آفتاب احمد شهيد جي شهادت کان پوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسان کي اطمينان ۽ اعتماد ڏنو هو تنهن تي اسان انهن جو ٿوريو به مڃيو هو. پر هن مهل تائين آفتاب احمد جي قتل جي باري ۾ ڪنهن به ڳالھھ کان اسان کي آگاھ نه ڪيو ويو آهي. انهن ميار ڏيندي چيو ته جيڪي قتل ايم ڪيو ايم جي ماڻهن جا هجن ته ڇا اهي آپريشن جي دائري کان ٻاهر آهن ۽ ڇا انهن قتلن جي واقعن تي تحقيقات لاڳو نه ٿي ٿئي. انهن چيو ته اسان کي اسان جي سوالن جا جواب ملڻ گهرجن پر جيڪڏهن اسان کي اسان جي سوالن جا جواب به نه ملن ۽ اسان کي ان قابل به نه سمجهيو وڃي جو اسان کي انهن سوالن جا جواب ڏنا وڃن ته اهو سڄي مهاجر قوم ۽ ايم ڪيو ايم جي ووٽرن کي سڌو پيغام ڏنو پيو وڃي ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ اوهان جي لاءِ ڪي به حق نه آهن.
*****

4/18/2024 8:19:02 AM