عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ واري هڪ هڪ ماڻهو سان جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار
لنڊن: 23 جون 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ واري هڪ هڪ ماڻهو سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري شهيد سان هر هڪ کي دلي محبت ۽ عقيدت هئي ۽ انهن جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ماڻهو جنهن عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندا رهيا اها عقيدت تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿئي ٿي. انهن فرمايو ته امجد صابري شهيد اڄ اسان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جو يادون هميشه اسان جي دلين ۾ تازه رهنديون.
*****