Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

امجد صابري جو رت اڃان خشڪ به نه ٿيو هو ته سيد فرحان علي عرف علي وارث رضوي جي ڪار تي به فائرنگ جو واقعو ٿي ويو


امجد صابري جو رت اڃان خشڪ به نه ٿيو هو ته سيد فرحان علي عرف علي وارث رضوي جي ڪار تي به فائرنگ جو واقعو ٿي ويو
 Posted on: 6/23/2016
امجد صابري جو رت اڃان خشڪ به نه ٿيو هو ته سيد فرحان علي عرف علي وارث رضوي جي ڪار تي به فائرنگ جو واقعو ٿي ويو
ڪراچي: 23 جون 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري جي وحشياڻي قتل جي فورن بعد ڪراچي ۾ تين هٽي تي نالي واري نعت خوان ۽ نوحه خوان سيد فرحان علي رضوي عرف علي وارث جي ڪار تي اڻ ڄاتل دهشت گردن جي طرفان فائرنگ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ ڏينهن ۾ٻن نالي وارين شخصيتن تي قاتلاڻه حملا ان ڳالھھ جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته دهشت گردن کي ڪنهن جو به خوف نه آهي ۽ اهي وڏي دليري سان جتي به چاهين ٿا ۽ جنهن کي به چاهين ٿا ته ان کي رت ۾ وينجهاري ڇڏين ٿا. رابطا ڪميٽي چيو ته اڃان امجد صابري شهيد جو  رت خشڪ به نه ٿيو هو ته دهشت گردن علي وارث جي ڪار تي به فائرنگ ڪري ڏني جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو ته دهشت گرد ڪراچي جو امن تباھ ڪرڻ جي پويان آهن ۽ ان سان گڏو گڏ اهو سوال به اٿي ٿو ته ڇا ڪراچي آپريشن کان پابندي وڌل مذهبي تنظيمون آجيون آهن. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سيد علي وارث جي ڪار تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽس ورتو وڃي ۽ فائرنگ ڪندڙ دهشت گردن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
*****


4/25/2024 5:34:55 AM