پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر اسماعيل راهو ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار کي ٽيليفون ڪري امجد صابري جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو
ڪراچي: 23 جون 2016
پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر اسماعيل راهو ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار کي ٽيليفون ڪري عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري جي شهادت تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اسماعيل راهو ڊاڪٽر فاروق ستار سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته امجد صابري جي شهادت سان هر گهر جو ماحول سوگوار ٿي ويو آهي. امجد صابري جي قاتلن جي جلد گرفتاري ۽ انهن جي عبرتناڪ انجام جا سڀئي منتظر آهن. انهن امجد صابري جي شهادت تي شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن ۽ عقيدت مندن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار اسماعيل راهو سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته امجد صابري جهڙي شخصيت جي وحشياڻي قتل کان پوءِ شهر ۾ امن و امان جي صورتحال ۽ ڪراچي آپريشن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي گهرج آهي. انهن چيو ته امجد صابري جو قتل ملڪ و قوم جو نقصان آهي ۽ امجد صابري شهيد جون يادون اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهنديون.
*****