Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان جي ممتاز قوال امجد صابري جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


پاڪستان جي ممتاز قوال امجد صابري جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 6/22/2016
پاڪستان جي ممتاز قوال امجد صابري جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
امجد صابري کي ضمير فروش ٽولي شموليت اختيار ڪرڻ جي لاءِ گهرايو هو پر امجد صابري صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ انهن کي لڳاتار ڌمڪيون ملي رهيون هيون
امجد صابري سنڌ حڪومت کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ درخواست به ڪئي هئي پر انهن کي ڪوئي به تحفظ فراهم نه ڪيو ويو.نديم نصرت
لنڊن: 22 جون 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان جي ممتاز قوال امجد صابري جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امجد صابري جي شهادت جو واقعو هڪ قومي سانحو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت امجد صابري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته امجد صابري هڪ قومي اثاثو هئا ۽ اهي هڪ وڏي قوال گهراڻي سان تعلق رکندا هئا. انهن جا والد حاجي غلام فريد صابري مرحوم ۽ چاچو حاجي مقبول صابري پاڪستان جا تمام وڏا قوال هئا. امجد صابري پنهنجي والدين جي فن کي اڳتي وڌايو ۽ پنهنجي والد ۽ چاچي جي  خلا کي ڀرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. نديم نصرت چيو ته امجد صابري اسان جي ثقافت ۽ ڪلچر به هئا. اڄ وحشي دهشت گردن پاڪستان کان ثقافت ۽ ڪلچر جي علامت کي ميٽي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم امجد صابري  جي شهادت تي پنهنجيون سموريون سياسي ۽ تنظيمي سرگرميون معطل ڪري ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. نديم نصرت چيو ته امجد صابري کي ڪجھھ ڏينهن اڳ سرڪاري سرپرستي ۾ قائم ضمير فروشن جي ٽولي شموليت جي لاءِ گهرايو هو پر امجد صابري شموليت اختيار ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ انهن کي لڳاتار ڌمڪيون ملي رهيون هيون. امجد صابري سنڌ حڪومت کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي درخواست به ڪئي هئي. پر انهن کي ڪوئي به تحفظ فراهم نه ڪيو ويو. نديم نصرت چيو ته سنڌ حڪومت، پوليس، رينجر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ٻيا ادارا ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ جا وڏا وڏا دعوٰي ته ڪري رهيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته ڪراچي ۾ قتل ڪرڻ، گينگ وار جي طرفان ڀتو گهرڻ، ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون وڌي ويون آهن. پهرين ممتاز سماجي ڪارڪن سبين محمود ۽ پوءِ گذريل پوين ڏينهن ۾ خرم ذڪي به قتل ڪيو ويو ۽ ٻه ڏينهن اڳ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاھ جي فرزند اويس علي شاھ کي ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪيو ويو ۽ اڄ پاڪستان جي ليجنڊ قوال امجد صابري کي شهيد ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته امجد صابري جي شهادت سنڌ حڪومت، پوليس، رينجر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي ۽ ڪراچي آپريشن تي هڪ سواليه نشان آهي. انهن وڌيڪ چيو ته پوليس، رينجر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا انهن واقعن ۾ ملوث عناصر کي گرفتار ڪرڻ، شهر ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ شهرين جي جان و مال کي تحفظ ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي ڪاروائين ۾ مصروف آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين جي جان و مال جو تحفظ ڪري نه ٿي سگهي ته ان کي استعيفٰي ڏيئي ڇڏڻ گهرجي. انهن چيو ته اسان امن جي قيام جي ڪوششن ۾ هر طرح جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ ڪالھھ به تيار هئاسين ۽ اڄ به تيار آهيون. پر سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي به ايم ڪيو ايم دشمني جي پٽي پنهنجين اکين تان لاهي ڪري امن جي قيام ۽ شهرين جي جان و مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. انهن مطالبو ڪيو ته امجد صابري جي شهادت جي واقعي جي اعلٰي سطحي تحقيقات ڪرائي وڃي. تحقيقات ۾ انهن کي ملڻ وارين ڌمڪين کي به سامهون رکيو وڃي. انهن جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. نديم نصرت امجد صابري شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته امجد صابري جي شهادت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ۽ پوري قوم ڏک ۾ ورتل آهي ۽ سوگوار آهي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي امجد صابري کي شهادت جو درجو عطا فرمائي.انهن جي بيوه، ٻارن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين سڀني پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ امجد صابري کي شهيد ڪندڙن تي پنهنجو عذاب نازل ڪري. آمين.
*****

4/26/2024 2:26:39 AM