Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ امجد صابري جي شهادت تي ٽي روزه سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو


متحده قومي موومينٽ امجد صابري جي شهادت تي ٽي روزه سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 6/22/2016
متحده قومي موومينٽ امجد صابري جي شهادت تي ٽي روزه سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ٽن ڏينهن تائين سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جون سموريون سياسي ۽ تنظيمي سرگرميون معطل رکيون وينديون
ڪراچي: 22 جون 2016 
                   متحده قومي موومينٽ عالمي شهرت يافته صوفي ۽ قوال امجد صابري جي شهادت تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو. تفصيلات جي مطابق اڄ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ زونل ڪميٽين جي ميمبرن جي ذميوارن جو گڏيل اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي صدارت رابطا ڪميٽي جا ڪنوينر نديم نصرت ڪري رهيا هئا. اجلاس جي دوران معروف ۽ نالي واري قوال ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان بي پناھ محبت ڪرڻ واري امجد صابري جي شهادت جي افسوسناڪ اطلاع ملي، جنهن تي اجلاس جي ڪاروائي فوري طور تي روڪي وئي. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته امجد صابري جي شهادت تي ٽن ڏينهن جو سوڳ ملهايو ويندو ۽ ان دوران سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جون سموريون سياسي ۽ تنظيمي سرگرميون معطل رکيون وينديون. ٽي روزه سوڳ جي دوران سڄي ملڪ ۾ گهرن ۽ دڪانن تي ڪارا جهنڊا لهرايا ويندا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون وينديون. ان کان علاوه نديم  نصرت ايم ڪيو ايم جي سمورن اڳواڻڻ، چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي فوري طور تي امجد صابري جي رهائش گاھ تي پهچن ۽ سوگوارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن.
*****

4/17/2024 7:42:57 PM