Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌي امڙين،ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن جي نالي الطاف حسين جو خصوصي پيغام


سنڌي امڙين،ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن جي نالي الطاف حسين جو خصوصي پيغام
 Posted on: 6/17/2016
سنڌي امڙين،ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن جي نالي الطاف حسين جو خصوصي پيغام
ايم ڪيو ايم سنڌين کي جاگيردارن جي چنبي کان نجات ڏيارڻ چاهي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سنڌي عوام جاگيردارن ۽ وڏيرن جي غلامي کان نجات جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جو ساٿ ڏين. جناب الطاف حسين
لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر ۽ ضلع دادو جي سينيئر ساٿي غلام علي شاهاڻي سان ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 17 جون 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ مظلوم سنڌين کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي چنبي کان نجات ڏيارڻ چاهي ٿي ۽ ان جدوجهد ۾ حقن کان محروم سنڌين کي الطاف حسين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اها ڳالھھ انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر ۽ دادو جي سينيئر ساٿي غلام علي شاهاڻي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي، جن انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ جناب الطاف حسين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين غريب سنڌين جي نالي پنهنجو هڪ خصوصي پيغام به ڏنو. جناب الطاف حسين غلام علي شاهاڻي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي ورهاست کان اڳ سنڌ ۾ هندن جي حڪومت هئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ جاگيردارن ۽ وڏيرن ملڪ تي جاگيردارانه نظام مسلط ڪري ڇڏيو ۽ ان نظام جي تحت انگريزن وڏيرن کي وڏا وڏا فائدا ڏيئي ڪري سڄي سنڌي قوم کي انهن جو غلام بڻائي ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته غريب سنڌي عوام قوم پرست ته بڻجي ويا. پر اهي قوم جي معنٰي وساري ڪري جاگيردارن ۽ وڏيرن جا غلام بڻجي ڪري رهجي ويا آهن. جاگيردارن جي پيرن ۾ ويهڻ، انهن جا پير دٻائڻ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ غريب هارين ۽ سنڌين جي روزمره جي زندگي ۽ ڪلچر جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ غريب سنڌي جي مجال نه آهي جو اهو ڪنهن جاگيردار ۽ وڏيري جي سامهون زبان کولي سگهي. انهن فرمايو ته سنڌين ۾ قوم پرست ته گهڻائي پيدا ٿيا. پر اهي ذاتي مفادن جو شڪار ٿي ڪري اسٽيبلشمينٽ جا اينجٽ بڻجي ويا. انهن فرمايو ته جڏهن مان سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪندو هوس ۽ انهن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي اسٽيبلشمينٽ جي ايجنٽن کي ڏسندو هوس ته مان سائين جي ايم سيد سان ان حوالي سان بحث ڪندو هوس ته اوهان وٽ اسٽيبلشمينٽ جا ايجنٽ آهن. جنهن تي اهي کلي ڪري چوندا هئا ته مون کي سڀ معلوم آهي. پر اهي مون سان گڏ رهي ڪري جلد سکي ويندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته سائين جي ايم سيد جا ويجها ساٿي گواھ آهن ته سائين جي ايم سيد مون سان ملاقات جي دوران سڀني کي مخاطب ڪري چوندا هئا ته جيڪڏهن سنڌ ۽ ان جي عوام کي ڪوئي حق ڏياري سگهي ٿو ته اهو صرف الطاف حسين آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته سائين جي ايم سيد هڪ فلاسفر ۽ ليکڪ هئا. پر انهن ۾ آرگنائيزيشن جي صلاحيت نه هئي. انهن سان ڪم ڪرڻ وارا اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ هليا ويا ۽ باقي ڪم پيپلز پارٽي جي اڳواڻڻ ڪري ڇڏيو. انهن سنڌي قوم پرستن کي 17 ۽ 18 گريڊ جي سرڪاري نوڪري ۽ گاڏيون، بنگلا  ڏيئي ڪري۽ ٻين عياشين ۾ لڳائي ڪري قوم پرستي جي رستي کان گمراھ ڪري ڇڏيو. انهن سنڌي قوم پرستن سنڌ ڌرتي ۽ ان جي عوام جي حقن جو سودو ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته محترمه بي نظير ڀٽو کي پنجاب ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو. پر ان جي رڌ عمل ۾ ڪراچي ۾ باھ ۽ رت جي رانڌ کيڏي وڃي ٿي. ڇا ايم ڪيو ايم بي نظير ڀٽو کي قتل ڪيو هو؟ حقيقت اها آهي ته الطاف حسين کي ان جي ڪري سنڌ ڌرتي جو پٽ تسليم نه ٿو ڪيو وڃي جو اهي قديم سنڌي نه آهن. پر سنڌي عوام اهو نه ٿا ڏسن ته الطاف حسين ڪڏهن به سنڌ جي حقن تي ٺاھ ڪرڻ گوارا نه ڪيو ۽ هميشه سنڌ ڌرتي جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري آهي. جناب الطاف حسين سنڌي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته اهي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي غلامي کان نجات جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين جو ساٿ ڏين. سنڌ جا غريب هاري، ڪڙمي ۽ پورهيت ٻن سو سالن کان وڏيرن ۽ جاگيردارن جا هٿ مظبوط ڪندا رهيا پر ان جي بدلي ۾ انهن کي بک، غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري کان سوا ڪجھھ به نه مليو. منهنجي غريب سنڌي امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي اپيل آهي ته اهي ڪجھھ سال پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين جو ساٿ ڏين اسان انشاء الله تعالٰي انهن کي نه صرف جاگيردارن جي غلامي کان نجات ڏيارينداسين، پر سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهڻ وارن سمورن شهرين جا بنيادي مسئلا به حل ڪري ڏيکارينداسين. 
*****

4/25/2024 12:33:38 AM