ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
ڪراچي: 17 جون 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن جي طرفان بوهري برادري سان تعلق رکڻ وارن ادريس حسين ۽ حسين تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ٻنهي کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ادريس حسين ڌڻي تعالٰي کي پيارا ٿي ويا ۽ جڏهن ته حسين جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي جمال احمد، نامزد ضلعي چيئرمين ريحان هاشمي ۽ ٻيا عباسي شهيد اسپتال پهچي ويا. جتي انهن مرحوم جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ زخمي حسين جي عيادت به ڪئي ۽ اسپتال جي ڊاڪٽرن کي بهتر کان بهتر سار سنڀال ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.
*****