Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرون بي بنياد آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرون بي بنياد آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان
 Posted on: 6/17/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرون بي بنياد آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان
ڪراچي: 17 جون 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي ترجمان مختلف چينلن تي  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ انهن خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان سامهون ايندڙ ڪهاڻي ۾ ۽ لڳايل الزامن ۾ ڪائي به صداقت نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم وٽ هڪ وقت ۾ هميشه ايترائي بينڪ اڪائونٽ رهيا آهن جيترا جو ڪنهن عام ماڻهو جا هوندا آهن. ترجمان چيو ته مذڪوره خبر جي ذريعي سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن تي ايم ڪيو ايم قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو پورو حق رکي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ وڪيلن سان مشورا ڪري رهيا آهن.ترجمان چيو ته ڇو ته ان خبر ۾ اهو دعوٰ ڪيو ويو آهي ته اهي اطلاعون اسڪاٽ لينڊ يارڊ فراهم ڪيون آهن ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جي وڪيلن جي طرفان وضاحت جي لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي به خط لکيو پيو وڃي. 
*****

4/23/2024 4:10:00 AM