ايم ڪيو ايم ايٽلانٽا چيپٽر جي زير اهتمام سانحه اوولينڊ جي متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون
ايٽلانٽا: 15 جون 2016
ايم ڪيو ايم ايٽلانٽا چيپٽر جي زير اهتمام آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر اوورلينڊ ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون. جنهن ۾ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي متين يوسف چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ان دهشت گردي جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم ان ڏک ۾ پوري آمريڪي قوم جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم آمريڪا ان واقعي تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان به ڪيو آهي.
*****