Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

امين الحق تي ڪوڙي ڪيس جو اندراج سراسر بدنيتي تي ٻڌل آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


امين الحق تي ڪوڙي ڪيس جو اندراج سراسر بدنيتي تي ٻڌل آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 6/15/2016
امين الحق تي ڪوڙي ڪيس جو اندراج سراسر بدنيتي تي ٻڌل آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪوڙن ڪيسن جو اندراج ڪري اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي حق پرستانه جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي.جناب الطاف حسين
لنڊن: 15 جون 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رينجر جي طرفان رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم ميڊيا سيل جي انچارج سيد امين الحق جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو آهي ته ڪوڙن ۽ من گهڙت ڪيسن جي اندراج سان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي حق پرستانه جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته امين الحق تي ڪوڙي ڪيس جو اندراج سراسر بدنيتي تي ٻڌل آهي. جنهن جو مقصد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ کي خوف زده ڪري انهن کي پنهنجن حقن جي پرامن جمهوري جدوجهد کان باز رکڻ آهي. انهن فرمايو ته هڪ منظم سازشي منصوبي جي تحت ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ ان کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي بي گناھ اڳواڻڻ، چونڊيل نمائندن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙن ۽ من گهڙت ڪيسن جو قيام، انهن جون بغير ڪنهن جواز جي گرفتاريون، گرفتار ٿيلن کي لاپتا ڪرڻ ۽ حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪرڻ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي سازشي منصوبي جو حصو آهي. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪري گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف انهن کي تشدد ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻائي ڪري سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور  ڪيو پيو وڃي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، چونڊن نمائندن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙن ڪيسن جي قيام جا ڪهڙا مقصد آهن. انهن فرمايو ته ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جا سازشي منصوبا بڻايا ويا. پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان ايم ڪيو ايم اڄ به قائم آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسڻ وارن جو وجود به باقي نه آهي. انهن فرمايو ته ڪوڙن ڪيسن، گرفتارين ۽ ماورائي عدالت قتلن جي ذريعي نه ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جا حوصلا ڪمزور ڪري سگهجن ٿا. انشاء الله تعالٰي تمام جلد ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشون ڪرڻ وارا پنهنجي انجام تي پهچندا. الله تعالٰي  جي مدد ،عوام جي حمايت ۽ ڪارڪنن جي ثابت قدمي سان ايم ڪيو ايم قائم رهندي. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪوڙن ڪيسن جي اندراج جو نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي طاقت جي ناجائز استعمال جو سلسلو بند ڪرائين.
*****

4/19/2024 2:32:31 AM