Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام تر دعوٰئن جي باوجود رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهڻ وڏو ظلم آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر


تمام تر دعوٰئن جي باوجود رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهڻ وڏو ظلم آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر
 Posted on: 6/9/2016 1
تمام تر دعوٰئن جي باوجود رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري رهڻ وڏو ظلم آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر
ڪراچي: 9 جون 2016 
                   سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن رمضان شريف جي مقدس مهيني ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت بحران ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته شهر ۾ پاڻي جو بحران ۽ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ سان عوام پهرين ئي پريشان هئا. پر هاڻي رمضان شريف ۾ به شهرين کي پاڻي  جي سخت قلت ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ کي منھھ ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ڪراچي جا شهري ملڪ کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿا. پر ان جي باوجود ڪراچي جي شهرين کي تڙپائڻ جو عمل جاري آهي ڇا اهو تعصب نه آهي؟ انهن حڪمرانن کان سوال ڪيو ته آخر ڪراچي جيڪو سڄي ملڪ کي پالي رهيو آهي ان سان اهو سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت بحران ۽ بجلي جي غير اعلانيه ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي بحران ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان نجات ڏيارين.
*****


4/18/2024 8:34:14 PM