Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ هڪ درياء وانگر آهي.جيڪا لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿي ۽ پاڻ ۾ شامل ٿيندڙ گند کي ڪناري تي به لڳائي ٿي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين


تحريڪ هڪ درياء وانگر آهي.جيڪا لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿي ۽ پاڻ ۾ شامل ٿيندڙ گند کي ڪناري تي به لڳائي ٿي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
 Posted on: 5/24/2016
تحريڪ هڪ درياء وانگر آهي.جيڪا لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿي ۽ پاڻ ۾ شامل ٿيندڙ گند کي ڪناري تي به لڳائي ٿي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
ڪراچي: 24 مئي 2016 
                 سنڌ اسيمبلي جي تڪ 117 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي تحت نفيس آباد اي ايريا يوسي 19 ، پي آئي بي جهانگير روڊ ٽائون ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين، اسيمبلي ميمبرن عامر معين پيرزاده، فيصل رفيق، سي اي سي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين چيو ته تحريڪ هڪ درياء وانگر آهي. جيڪا لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿي ۽ پاڻ ۾ شامل ٿيندڙ گند کي به ڪناري تي لڳائي ٿي. انهن چيو ته اڄ ڪارڪنن تي وڏو تشدد ڪيو پيو وڃي۽ انهن کي ماورائي عدالت قتل به ڪيو پيو وڃي  پر ان جي باوجود ڪارڪن اڄ به ثابت قدم آهن ۽ حق پرستي جي رستي تي ڄميل آهن. انهن چيو  ته جڏهن کان اها تحريڪ وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ذات تي طرح طرح جا بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن پر هر ڀيري عوام انهن الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ به رڌ ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن لکين جانين جي قرباني ڏني پر ان جي باوجود مهاجرن کي ڪڏهن غدار ته ڪڏهن را جو ايجنٽ قرار ڏنو پيو وڃي. انهن عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي 2 جون تي وڏي تعداد ۾ پنهنجن گهرن کان نڪرن ۽ حق پرست اميدوار کي ووٽ ڏيئي ڪري باطل قوتن کي اهو ڄاڻائي ڇڏين ته اهو تڪ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو قلعو آهي.ان موقعي تي  تڪ نمبر 117 جي نامزد حق پرست اميدوار سيد قمر عباس رضوي ۽ اسيمبلي ميمبر عامر معين پيرزاده به خطاب ڪيو.
*****


4/24/2024 1:16:11 AM