Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

امڙيون هتي پنهنجن پيارن کي ياد ڪري روئي رهيون آهن آخر اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اهو ڪهڙو مدر ڊي ملهايو پيو وڃي. خوش بخت شجاعت


امڙيون هتي پنهنجن پيارن کي ياد ڪري روئي رهيون آهن آخر اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اهو ڪهڙو مدر ڊي ملهايو پيو وڃي. خوش بخت شجاعت
 Posted on: 5/8/2016 1
امڙيون هتي پنهنجن پيارن کي ياد ڪري روئي رهيون آهن آخر اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اهو ڪهڙو مدر ڊي ملهايو پيو وڃي. خوش بخت شجاعت
اڄ جو اهو مدر ڊي اسان آفتاب احمد شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن، لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي امڙين جي نالي ڪريون ٿي. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد
نائن زيرو تي لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي امڙين سان گڏجي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 8 مئي 2016 
حق پرست سينيٽر خوش بخت شجاعت چيو آهي ته امڙين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا امڙين کي گل موڪلي رهي آهي ۽ انهن کي مبارڪباد ڏيئي رهي آهي پر اسان هتي نائن زيرو تي پنهنجن لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن کي ياد ڪري روئي رهيون آهيون. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، شعبه خواتين جي انچارج محترمه ڪشور زهرٰي، خواتين اسيمبلي ميمبرياڻيون ۽ لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جون امڙيون به موجود هيون. خوش بخت شجاعت چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ امڙين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي پر اسان هتي نائن زيرو تي پنهنجن لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن ۽ ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن کي ياد ڪري روئي رهيون آهيون ۽ انصاف گهري رهيون آهيون. انهن چيو ته هن پريس ڪانفرنس جو مقصد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي انهن غمگين امڙين جي ڏک کي اجاگر ڪرڻ آهي. جن جي ٻارن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي. انهن کي لاپتا ڪيو ويو آهي ۽ اهي جيلن ۾ بي ڏوهي قيد آهن. انهن چيو ته انهن امڙين کي ڪٿي به انصاف نه ملي رهيو آهي. جيڪو هڪ قومي الميو آهي. جنهن تي اختياري ڌرين کي هاڻي اکيون کولڻ گهرجن. انهن چيو  ته 2013 کان وٺي هن آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 140 کان وڌيڪ ڪارڪن لاپتا آهن ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي سياسي مخالفت جي بنياد تي غير قانوني ۽ غير آئيني هٿڪنڊن جو نشانو بڻايو پيو وڃي  جنهن تي انهن جون امڙيون هر فورم تي انصاف گهرڻ جي لاءِ پڪاري چڪيون آهن. پر انهن امڙين جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪوئي به نه آهي. انهن چيو ته اسان آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا شڪر گذار آهيون جو انهن آفتاب احمد شهيد جي ماورائي عدالت قتل جو نه صرف نوٽس ورتو بلڪه انهن جي صاف ۽ شفاف تحقيقات جو حڪم به ڏنو. انهن چيو ته اسان آرمي چيف جنرل راحيل شريف  کان مدر ڊي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ شهيد، لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي امڙين جي طرفان اهو مطالبو ڪريون ٿي ته اهي اهڙين هزارين امڙين جي لاءِ به انصاف ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اهو ظلم جو سلسلو بند ڪرائين. انهن چيو ته اسان ملڪ جي حڪمرانن کي ياد ڏيارڻ چاهيون ٿي ته اهي امڙين جي عظمت کي سمجهن ۽ سياسي مخالفت جي بنياد تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ظلمن جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. انهن چيو  ته اسان اڄ هن مدر ڊي جي موقعي تي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪريون ٿي ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن ۽ اسير ۽ لاپتا ڪارڪنن جي امڙين جي ڏکن جو ازالو ڪن ۽ لاپتا ڪارڪنن کي فوري طور تي بازياب ڪرائين ۽ انهن امڙين کي انصاف فراهم ڪن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد چيو ته اسان اڄ جو اهو مدر ڊي آفتاب احمد شهيد سميت سمورن حق پرستن جي امڙين جي نالي ڪريون ٿي. انهن چيو ته اسان گذريل پوين ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج به ڪيو هو پر هن مهل تائين اسان کي انصاف نه مليو آهي. انهن چي ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبان کان مطالبو ڪريون ٿي ته اهي انهن امڙين کي انصاف ڏيارين.  ان موقعي تي لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي امڙين چيو  ته اسان جي ڪوئي به ٻڌڻ وارو نه آهي. خدا جي واسطي اختياري ڌريون اسان کي انصاف ڏيارين.
*****

4/25/2024 2:48:47 PM