Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪرپشن ۾ ملوث فوجي آفيسرن جي خلاف ڪاروائي اڌورو انصاف آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڪرپشن ۾ ملوث فوجي آفيسرن جي خلاف ڪاروائي اڌورو انصاف آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/23/2016
ڪرپشن ۾ ملوث فوجي آفيسرن جي خلاف ڪاروائي اڌورو انصاف آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جنرل راحيل شريف پورو انصاف ڪندي فوج، رينجر ۽ ڳجهن ادارن جي انهن آفيسرن جي خلاف به ڪاروائي ڪن جيڪي ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن
نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ عورتن ۽ بزرگن جي اجلاسن کي خطاب
لنڊن: 23 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪرپشن ۾ ملوث فوجي آفيسرن جي خلاف جيڪا ڪاروائي ڪئي آهي. اها سٺي ڳالھھ آهي. پر اهو اڌورو انصاف آهي جنرل راحيل شريف کي پورو انصاف ڪندي فوج، رينجر ۽ ڳجهن ادارن جي انهن آفيسرن جي خلاف به ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. جيڪي ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي خلاف استعمال ڪرڻ جي لاءِ پيسو ، گاڏيون ۽ بنگلا فراهم ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ عورتن ۽ بزرگن جي اجلاسن کي  خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته فوج ۾ اهو سبق پڙهايو وڃي ٿو ته ملڪ جي بهتري جي نالي تي جيڪي چاهيو ڪريو، آرمي چيف ڪرپشن جي نالي تي فوج جي 12 آفيسرن جي خلاف ته ڪاروائي ڪئي آهي. پر انهن کي صرف نوڪرين مان ڪڍيو آهي ۽ ان کان علاوه انهن کي ڪا به سزا نه ڏني آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ طرف ته فوج جي ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪري دنيا کي اهو رخ ڏيکاريو ويو آهي ته اسان ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون.پر ٻئي طرف فوج، رينجر ۽ آئي ايس آئي جا ڪجھھ آفيسر ڪراچي ۾ ايم ڪيو  ايم کان ڪڍيل ڏوهاري ۽ ڪرپٽ عناصر جي سرپرستي ڪري رهيا آهن.انهن کي دبئي کان خصوصي جهاز ۾ سوار ڪري ڪراچي آندو ويو . اهي ايم ڪيو ايم کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ انهن کي خيابان سحر ۾ ڪروڙن جا بنگلا، گاڏيون ۽ ٻيا وسيلا فراهم ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪرپٽ عناصر کي استعمال ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين سوال ڪيو ته ڇا اها ڪرپشن نه آهي؟ جنرل راحيل شريف صاحب فوج جي ڪرپٽ عناصر جي خلاف واقعي ايڪشن ڪري رهيا آهن. اهي هر سطح جي ڪرپشن ختم ڪرڻ جو ارادو به رکن ٿا ته پوءِ اهي فوج، رينجر ۽ آئي ايس آيس جي انهن ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف به ڪاروائي ڪن. اڄ وڏا وڏا دانشور ۽ سياسي تجزيه نگار اهو  سوال ڇو نه ٿا ڪن ته ضمير فروش ٽولي وٽ خيابان سحر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪروڙن جا بنگلا ڪٿان آيا. ڪروڙين روپين جون بلٽ پروپ گاڏيون ڪٿان آيون ۽ اهو قيمتي فرنيچر ۽ ميڊيا تي ڪوريج جي لاءِ ڏوڪڙ ڪٿان آيا. جناب الطاف حسين جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته چائينا ڪٽنگ، بلديه ٽائون فيڪٽري ۽ قتل جي ٻين وارداتن جي باري ۾ پاڻ آئي ايس آئي ۽ رينجر جي تيار ڪيل جي آئي ٽيز  ۾ جن ماڻهن جي نالا اچي رهيا هئا، جڏهن انهن کي ايم ڪيو ايم کان خارج ڪيو ويو ۽ انهن ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪري ضمير فروش ٽولي ۾ شموليت اختيار ڪئي ته انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي پاڪ، صاف ۽ نيڪ سيرت بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ڇا اها ڪرپشن نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ  طرف ته فوج جي ڪرپٽ عناصر جي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ قانون جي بالادستي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ته ٻئي طرف مائيٽ از رائيٽ جي تحت اهو رويو اخيتار ڪيو پيو وڃي ته جيڪو به اسان جي اطاعت نه ڪندو ان کي طاقت جي ذريعي ڪڇليو ويندو. ان کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويندو. انهي پاليسي جي تحت ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ۽ اي پي ايم ايس او جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. 1992 ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ فوج کي سڌي ريت استعمال ڪيو ويو ۽ اڄ ان جي ذيلي ادارن کي ان مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي بي گناھ اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. سرڪاري حراست ۾ انهن تي تشدد ڪري انهن جون سياسي وفاداريون مٽائڻ جي لاءِ انهن کي مجبور ڪيو پيو وڃي. ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جي جوائنٽ سيڪٽر آرگنائيزر دانش وحيد کي جيڪي يونيورسٽي ۾ سائنسي نمائش ۾ مصروف هئا ۽ شاگردن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا ته رينجر يونيورسٽي ۾ گهري ڪري انهن کي گرفتار ڪري ورتو. قانون اهو آهي ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي منظوري کان سواءِ پوليس ۽ رينجر اتي داخل ٿي نه ٿي سگهي. پر رينجر ڪنهن به اجازت کان  سواءِ يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ڪري دانش کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح ميرپورخاص ۾ زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق جميل دراني کي به جن اسٽيبلشمينٽ جي آندل ٽولي کي مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهن کي به انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ته ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي ته گرفتار ڪيو پيو وڃي پر پابندي وڌل تنظيمن جا اهي دهشت گرد جن پوليس اهلڪارن کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو انهن جي خلاف ته ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪئي وئي. انهن جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان فوج جي ڪرپٽ عناصر جي خلاف ڪاروائي ڪئي. ان سان گڏو گڏ جيڪڏهن اوهان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ۽ پنهنجي طاقت جو ناجائز استعمال ڪرڻ وارن عناصر کي به سزا ڏيو ته اسان اوهان کي سلوٽ پيش ڪنداسين. انهن فرمايو ته ان ظلم جي خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي ۽ هاڻي اسان ان ظلم تي خاموش نه رهنداسين. انهن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن کي هدايت فرمائي ته اهي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جا ڪوائف گڏ ڪري موڪلين ته جيئن انهن کي انساني حقن جي ادارن کي موڪلي سگهجي. انهن ڇاپن، گرفتارين ۽ رياستي ظلمن جي باوجود ثابت قدمي سان جدوجهد جاري رکڻ تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن، ڪارڪنن، عورتن ۽ بزرگن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

4/19/2024 6:36:45 PM