ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام لڪ کان بچاءُ جي لاءِ ڪراچي جي مختلف هنڌن تي 60 کان وڌيڪ ڪيمپ لڳايا ويا
ڪراچي: 22 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام ڪراچي ۾ لڪ کان بچاءُ جي لاءِ ڪراچي جي مختلف هنڌن تي 60 کان وڌيڪ ڪيمپ لڳايا ويا. جتي گرمي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ٿڌو پاڻي، نمڪول مليل پاڻي ۽ گلوڪوز ڏنو ويو. حق پرست اسيمبلي ميمبرن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪيمپن جا دورا ڪيا ۽ اتي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جتي اهي ڪيمپ لڳايا ويا هئا اهي علائقا هي آهن.لانڍي، ڪورنگي، ملير ٽائون، شاھ فيصل ڪالوني، گلستان جوهر، معمار ٽائون اسڪيم 33، گلشن اقبال ٽائون، پي آئي بي ڪالوني، لائينز ايريا، سوسائٽي، بهادر آباد، محمود آباد، ڊفينس، برنس روڊ، رنڇوڙ لائين، لياري، پاڪ ڪالوني، بلديه ٽائون، قصبه علي ڳڙھ، اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، گلبهار ٽائون، لياقت آباد، فيڊرل بي ايريا،واٽر پمپ، عباسي شهيد اسپتال، عائشه منزل، جوهڙ موڙ، گلشن چورنگي، جناح اسپتال، خدا جي بستي، بلوچ ڪالوني، ملير ڪالا بورڊ، يوپي موڙ، ناگن چورنگي، قطر اسپتال ۽ ٻين هنڌن تي اهي ڪيمپ لڳايا ويا. انهن ڪيمپن تي ڪي ڪي ايف جون 82 ايمبولينسون به موجود رهيون.
*****