ايم ڪيو ايم 23 اپريل بروز ڇنڇر تي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو ڏيندي. ايم ڪيو ايم جو اعلاميو
ڪراچي: 22 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 23 اپريل بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم ۽ اي پي ايم ايس او جي بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين، حق پرست شهيدن جي قاتلن جي گرفتارين، لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي ۽ اسير ڪارڪنن جي آزادي جي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويندو. اهو ڌرڻو صبح جو 11 هين وڳي کان شروع ٿيندو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جا سينيئر ڊپٽي ڪنوينر، ڊپٽي ڪنوينر، رابطا ڪميٽي ميمبر، سينيٽر، اسيمبلي ميمبر ، نامزد ميئر ۽ ڊپٽي ميئر، چيئرمينَ، ڪائونسلر ۽ ڪارڪنن کان علاوه لاپتا ڪارڪنن ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارا به شرڪت ڪندا. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم حق پرست امڙين، ڀينرن، بزرگن، شاگردن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائين.
*****