Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زول ڪميٽي جي ميمبر ۽ حق پرست ڪائونسلر فاروق دراني جي گرفتاري کليل ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زول ڪميٽي جي ميمبر ۽ حق پرست ڪائونسلر فاروق دراني جي گرفتاري کليل ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 4/22/2016
ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زول ڪميٽي جي ميمبر ۽ حق پرست ڪائونسلر فاروق دراني جي گرفتاري کليل ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 22 اپريل 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ميرپورخاص جي زونل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ڪائونسلر فاروق جميل دراني جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل رياستي ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ميرپورخاص سٽي جي حمداني ڪالوني ۾ فاروق جميل دراني جي گهر تي بغير ڪنهن وارنٽ جي ڇاپو هنيو، ڇاپي جي دوران سرڪاري اهلڪارن جيڪي سڀئي ٻٽ ٻڌل هئا. انهن فاروق دراني جي گهر واري ۽ پٽ کي به مارڪٽ ڪئي ۽ انهن تي رائيفلون به اڀيون ڪيون ۽ گار گند به ڏنو. اهي فاروق دراني کي ماريندا پاڻ سان گڏ وٺي ويا. ڇاپي مار ٽيم ۾  پوليس جي موبائيل سان گڏو گڏ ٻه پرائيويٽ گاڏيون به شامل هيون. فاروق دراني جي گرفتاري جي باري ۾ شهر جي پوليس جا بالا آفيسر لاعلمي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي باري ۾ ڪجھھ به به ٻڌائي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي فاروق دراني جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پوليس جي طرفان فاروق دراني جي گرفتاري کان لاعلمي جي ڪري انهن جي زندگي کي سخت خطرو لاحق ٿي ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن جو دائرو هاڻي ڪراچي کان وڌائي ڪري حيدرآباد ۽ ميرپورخاص تائين وڌايو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي 
ڪارڪنن سان گڏو گڏ چونڊيل نمائندن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي کان ٽائون آرگنائيزر سيد نير رضا ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حيدرآباد کان يوسي چيئرمين عمران بشير کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي فاروق دراني کي به گرفتار ڪيو ويو آهي . رابطا ڪميٽي چيو ته انهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي پنهنجيون سياسي وفاداريون تبديل ڪن ۽ ضمير فروشن جي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا اهي بي ڏوهي گرفتاريون ڪري کليل انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ ۽ اسٽيبلشمينٽ اهڙي طرح جو ظلم ۽ ڏاڍ ڪري عوام کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن ۽ جيڪڏهن عوام ان ظلم تي احتجاج ڪرڻ جي لاءَ اٿي کڙا ٿيا ته ان جي سموري ذميواري سنڌ  حڪومت ۽ آپريشن ڪرڻ وارن ادارن تي عائد ٿيندي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته اهو ظلم بند ڪيو وڃي ۽ فاروق دراني ۽ ٻين سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. 
*****


4/17/2024 6:09:54 PM