Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس


ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس
 Posted on: 4/21/2016
ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس
بزرگ ڪارڪنَ ايم ڪيو ايم جي لاءِ اثاثو آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، عبدالقادر خانزده ۽ مطيع الرحمٰن
ڪراچي: 21 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ ايلڊر ونگ جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ايلڊر ونگ جي ٽائون آرگنائيزرن، يوسي آرگنائيزرن ۽ ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان چيو ته بزرگ ڪارڪن ايم ڪيو ايم جو اثاثو آهن ۽ تحريڪ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ بزرگ همت ۽ جرت جو مظاهرو ڪري هڪ شيهي رسيل ڀت جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده چيو ته جن تحريڪن ۾ بزرگن جي وڏي تعداد موجود هوندي آهي ته اهي تحريڪون همت ۽ حوصلي سان مالامال هونديون آهن ۽ اهو ئي حوصلو اسان کي ڏکئي وقت ۾ سهارو فراهم ڪري ٿو. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر مطيع الرحمٰن چيو ته جناب الطاف حسين تحريڪ جي هر فيصلي ۾ بزرگن جي رائي کي اهميت ڏين ٿا ۽ انهن جي رائي جو احترام ڪن ٿا. انهن چيو ته بزرگن جو تجربو ۽ ثابت قدمي ڪارڪنن جي لاءِ مشعل راھ آهي ۽ اهو تجربو ۽ ثابت قدمي ڪارڪنن جي لاءِ مددگار به ثابت ٿئي ٿو. 
*****

4/25/2024 9:42:44 AM