ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي تحريڪ جي غير فعال سينيئر ڪارڪنن سان رابطن جي لاءِ سينيئر ذميوارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي
ڪراچي: 21 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ جي غير فعال سينيئر ڪارڪنن سان رابطن جي لاءِ سينيئر ذميوارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ان ڪميٽي ۾ ڪهف الورٰي، اسماعيل قريشي، اقبال مقدم، امين الحق، محترمه زرين مجيد، عبدالحسيب، احمد سليم صديقي، جاويد ڪاظمي، مطيع الرحمٰن ۽ حافظ اسامه قادري شامل آهن. اها ڪميٽي اهڙن سمورن سينيئر ڪارڪنن سان رابطا ڪندي جيڪي ڪنهن به ناراضگي يا سبب جي ڪري غير فعال آهن ۽ سرگرم نه آهن. رابطا ڪميٽي اهڙن سمورن سينيئر ۽ غير فعال ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مخصوص ڪميٽي سان فوري طور تي نائن زيرو تي رابطو ڪن ۽ تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪن.
*****