سينيئر ۽ غير فعال ڪارڪن َ تحريڪ جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪن ۽ ٻيهر فعال ٿي ڪري ڦڙتي سان ڪم ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 21 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تحريڪ جي سمورن غير فعال سينيئر ڪارڪنن کي جيڪي ڪنهن به ناراضگي يا سبب جي ڪري غير فعال آهن . انهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي تحريڪ جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪن ۽ ٻيهر فعال ٿي ڪري ڦڙتي سان ڪم ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته رابطا ڪميٽي تحريڪ جي غير فعال سينيئر ڪارڪنن سان رابطن جي لاءِ سينيئر ذميوارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. جيڪا اهڙن سمورن سينيئر ڪارڪنن سان رابطا ڪندي جيڪي ڪنهن به سبب جي ڪري غير فعال آهن. انهن فرمايو ته اهو تحريڪ تي امتحان جو وقت آهي ۽ امتحان جي وقت ۾ سمورن تحريڪي ڪارڪنن جو فرض آهي ته اهي تحريڪ جي لاءِ به ڪجھھ وقت ڪڍن ۽ تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪن. انهن اهڙن سمورن سينيئر ۽ غير فعال ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان سلسلي ۾ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي سان فوري طور تي نائن زيرو تي رابطو ڪن.
*****