اوڪاڙھ ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان هارين سان زيادتيون بند ڪيون وڃن. نديم نصرت
لنڊن: 20 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پنجاب جي شهر اوڪاڙھ ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان هارين کي انهن جي زمينن کان ڪڍڻ ۽ انهن کي ظلم جو نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ صدر مملڪت، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي ان معاملي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ هارين سان زيادتين جو سلسلو بند ڪرائين. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته اوڪاڙھ جي انهن غريب هارين کي ان کان پهرين به اهڙي طرح ئي انهن جي زمينن کان ڪڍڻ جي لاءِ طاقت سان ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ ڪيترن ئي هارين کي گولين جو نشانو به بڻايو ويو هو. هاڻي وري اهو ئي سڀ ڪجھھ ڪيو پيو وڃي. نديم نصرت انهن مظلومن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن هارين تي اهو ظلم بند ڪرائين ۽ انهن کي انهن جي زمينن کان بي دخل نه ڪيو وڃي.