Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي زير اهتمام لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ خواتين جو اجتماع


ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي زير اهتمام لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ خواتين جو اجتماع
 Posted on: 4/20/2016
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي زير اهتمام لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ خواتين جو اجتماع
حق پرست امڙيون ۽ ڀينرون اڄ به پوري مضبوطي سان جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺيون آهن. ڪشور زهرٰي
اجتماع کي خطاب
ڪراچي: 20 اپريل 2016 
  متحده قومي موومينٽ شعبه خواتين جي زير اهتمام لال قلعه گرائونڊ ۾ اجتماع منعقد ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي چيو ته ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اسان جناب الطاف حسين جو ساٿ ڇڏي ضمير فروش ٽولي ۾ شامل ٿي وڃون. پر اڄ ان اجتماع ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان اڄ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺيون آهيون.انهن چيو ته ڊرائي ڪلين مشين لڳائڻ وارن ايم ڪيو ايم دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کان ڪڍيل ڏوهارين، چائينا ڪٽنگ ۽ غريبن جي گهرن تي قبضن ۾ ملوث ماڻهن کي آڻي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي جناب الطاف حسين جي حق پرستانه جدوجهد کان خوفزده آهن ۽ اهي مائنس الطاف حسين جي شرمناڪ فارمولي تي عمل پيرا آهن. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن فوزيه حميد ۽ هير سوهو به خطاب ڪيو.

4/17/2024 8:35:46 PM