ايم ڪيو ايم جي شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق جي پٽ عامر طارق جي ايصال ثواب جي لاءِ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ فاتحه خواني ڪئي وئي
لنڊن: 19 اپريل 2016
ايم ڪيو ايم جي شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق جي وڏي پٽ عامر طارق “ جن جو آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ انتقال ٿي ويو آهي ” جي ايصال ثواب جي لاءِ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ فاتحه خواني ڪئي وئي. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن، انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن،ڪارڪنن ۽ امڙين ۽ ڀينرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ٽيليفون جي ذريعي فاتحه خواني ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي عامر طارق، عظيم احمد طارق شهيد، ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ۽ تحريڪ جي سمورن شهيدن جي درجات جي بلندي، تحريڪ جي بقا و سلامتي ۽ ان جي خلاف ڪئي ويندڙ سازشن جي خاتمي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
*****