شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق جي وڏي پٽ عامر طارق جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
لنڊن: 19 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق جي پٽ عامر طارق جي آمريڪا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد چيئرمين عظيم احمد طارق جي بيوه ۽ ٻين سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****