ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس ۾ پي ايس 106 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ ماهر قانوندان محفوظ يار خان کي ايم ڪيو ايم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو.
ڪراچي: 18 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو ڪراچي ۾ پي ايس 106 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ماهر قانوندان محفوظ يار خان کي پي ايس 106 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
*****